وزيراعظم جو آءِ ايم ايف سربراهه سان رابطو، مدد طلب

وزيراعظم جو آءِ ايم ايف سربراهه سان رابطو، مدد طلب

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم شهباز شريف انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا سان رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جارجيوا کان نائين جائزي کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد لاءِ چيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان بجيٽ جا تفصيل آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزارت کي آءِ ايم ايف سان گڏجي بجيٽ تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب پرڏيهي فنڊنگ جي معاملي تي آءِ ايم ايف جا مطالبا برقرار آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف ايڪسچينج ريٽ ۾ انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ ۾ فرق ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام ختم ٿيڻ ۾ 30 ڏينهن باقي آهن. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 27 مئي تي ايم ڊي آءِ ايم ايف ڪرسٽالينا جارجيوا سان رابطو ڪيو. پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي ملڪي سربراهه نيٿن پورٽر جو چوڻ آهي ته ايندڙ مهيني بورڊ جي ميٽنگ متوقع آهي جنهن ۾ منظوري جو امڪان آهي. ياد رهي ته 30 جون تي اهو پروگرام ختم ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو