ورڪر يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٺٽو(ڊر)ايريگيشن ٺٽو ڊرينج ورڪرز يونين ٺٽو ۽ ايريگيشن ڪلري بگھاڙ ڊويزن ٺٽو پاران پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو ڊرينج آفيس مڪلي تي اريگيشن ٺٽو ڊرينج ڊويزن ورڪرز يونين ٺٽو جي صدر پير محمد علي شاھ، جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميمڻ، چيئرمين شاھد رند، وائيس چيئرمين عطاء اللہ کوڙو، نبي بخش بروھي، ممتاز جوکيو، بابو گندرو، ايريگيشن ڪلري بگھاڙ ڊويزن ٺٽو جي صدر مير علي سولنگي، جنرل سيڪريٽري عبدالعزيز ٻٻر، معسوق سولنگي، فضل الرحمان، شوڪت پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، جنھن ۾ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ملازم اڳواڻن پير محمد علي شاھ، غلام رسول ميمڻ، شاھد رند، عطاء اللہ کوڙو، مير علي سولنگي، عبدالعزيز ٻٻر ۽ ٻين چيو تہ ايريگيشن کاتي جي ملازمن جا کوڙ سارا مسئلا آھن، جيڪي حل ٿي ناھن سگھيا، جنھن لاء جدوجھد جاري آھي، ھنن چيو تہ ايريگيشن کاتي سنڌ حڪومت پاران ھڪ کان چار گريڊ جي نوڪرين جا اشھتيار جاري ڪيا ويا آھن، جن ۾ ڀرتي پاليسي ميرٽ بدران سياسي ۽ سفارشي سطح تي ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، جنھن سان فوتي توڙي رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جو اولاد نظرانداز ٿيڻ سان گڏ ايريگيشن جو نظام پڻ درھم برھم ٿي ويندو. ان کانسواء RBOD ملازمن کي گذريل 26 مھينن کان پگھارون نہ ملڻ ڪري سندن خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي سميت سمورن اعلي اختيارين کان گھر ڪئي تہ ھڪ کان چار گريڊ جون نوڪريون سفارشي ۽ سياسي بنيادن تي ڪرڻ بجاء ميرٽ تي ڪري فوتي ملازمن جي اولاد واريون خالي جايون کي ڏيئي، ايريگيشن کاتي جي ملازمن کي دن ڪوتا، فوتي ڪوٽا، ھيلٿ ڪارڊ، يوٽيلٽي الائونس سان گڏ ٻين صوبن جي ملازمن جيان کين انشورشن جي رقم ڏيئي RBOD جي ملازمن کي رھيل 26 مھينن جون پگھارون جاري ڪري کين پڪو ڪرڻ سميت فاقہ ڪشي کان بچائي ايريگيشن اسڪارپ ڊويزن سنڌ جي اندر بند پيل ٽيوب ويل چالو ڪري سنڌ جي زمينن کي سم ۽ ڪلر کان بچائي، ايريگيشن مڪينڪل ڊويزن اندر اربين روپين جي پيل مشينري کي استعمال ڪري پرائيويٽ ٺيڪيداري نظام ختم ڪري، ننڍن ملازمن لاء پرتي پاليسي جوڙي سندن سمورا جائز مسئلا حل ڪري منجھن ڦھليل بيچيني دور ڪئي وڃن، ٻئي صورت ۾ مسئلا حل نہ ٿيڻ ڪري احتجاج جو دائرو وڌائي ريجن سطح تي احتجاج ڪرڻ سميت ڪراچي پريس ڪلب تي پڻ احتجاج ڪيو ويندو. ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ کان پڻ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو