نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) نئون ڪوٽ ويجهو ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ پڌريو مورا ۾ هڪ هفتي دوران 10 کان وڌيڪ مور پکي پراسرار بيماري وگهي مرڻ لڳا، لاڳاپيل کاتي ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن حاڪم نھڙيو، نظير نھڙيو، نظام نھڙيو ۽ ٻين ٻڌايو ته وائلڊ لائف کاتي جي بي ڌياني سبب ٿر جي فطري سونهن رکندڙ سوين مور پکي پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي ڏينهون ڏينهن مري رهيا آهن هڪ هفتي دوران ڏھ کان وڌيڪ مور پکي مري ويا آهن پر انتظاميه هن وقت تائين اگھور ننڊ ستل آهي، هنن چيو ته مور پکي جنهن کي اسان پنهنجي گهر جو ڀاتي سمجهي انهن کي ڌاڻو پاڻي ڏي صبح شام سار لهندا آهيون انهن جي موت اسانکي ڏکارو ڪري وڌو آهي، وائلڊ لائف کاتي کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا لاڳاپيل کاتي جي خاموشي مورن لاءِ خطرو سمجهون ٿا اگر جلد ٿر جي سونهن رکندڙ مور پکين کي بيماري کان بچائڻ جو انتظام نه ڪيو ويو ته مورن جو نسل خطري ۾ پئجي ويندو هنن ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته جلد مورن جو علاج ڪري مورن کي مرڻ کان بچايو وڃي ته جيئن ٿر جي فطري سونهن رکندڙ مور پکين جو نسل بچي سگهي.










