لاهور (م ڊ) ورلڊڪپ لاءِ پاڪستان جي چيف سليڪٽرانضمام الحق ڪرڪٽ ٽيم جواعلان ڪري ڇڏيو آهي، فاسٽ بالر محمد عامر، وهاب رياض ۽ اڪمل برادرز کي ٽيم مان آئوٽ ڪيو ويو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انضمام الحق چيو ته ڪوچ، ڪپتان ۽ سڀني جي راءِ سان جيڪا ٽيم انگلينڊ رواني ٿيندي ان 15 رڪني اسڪواڊ ۾ سرفراز احمد ڪپتان، فخرالزمان، عابد علي، بابر اعظم، شعيب ملڪ، حارث سهيل، محمد حفيظ، امام الحق، شاداب خان، فهيم اشرف، شاهين شاهه آفريدي، اماد وسيم، حسن علي، جنيد خان ۽ محمد حسنين شامل آهن. محمد عامر پنهنجي ڪيريئر جي بدترين ڪااڪردگي سبب ڊراپ ٿيو، هن 14 ميچن ۾ 101 اورز ڪرايا ۽ 5 وڪيٽون ورتيون. سندس جاءِ تي نوجوان فاسٽ بالر ۾ محمد حسنين کي شامل ڪيو ويو آهي. چيف سليڪٽر چيو انگلينڊ جي دوري لاءِ جيڪي ٻه اضافي رانديگر رکيا ويا آهن انهن ۾ محمد عامر ۽ آصف علي شامل آهن. ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستاني ٽيم انگلينڊ سان هڪ ٽي 20 ۽ 5 ون دي ميچز جي سيريز کيڏندي. جنهن بعد هو بنگلاديش ۽ افغانستان سان وارم اپ ميچز به کيڏندي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ميچ ويسٽ انڊيز سان کيڏندي. انضمام چيو ته محمد رضوان کي آسٽريليا ۾ بهترين ڪااڪردگي باوجود ٽيم ۾ ان ڪر جاءِ نه ملي ته ڪپتان پاڻ وڪٽ ڪيپر بيٽسمين آهي. هن چيو ته محمد حسنين اسان جو ٽرمپ ڪارڊ آهي.
مشهور خبرون










