ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عالمي بينڪ جي وفد جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ملاقات ڪئي، عالمي بينڪ جي وفد جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ييلو لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ بابت اجلاس ۾ بھ شرڪت ڪئي،سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سيلم راجپوت، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو ۽ عالمي بينڪ پاران ٽاسڪ ٽيم مينيجر لنڪولن فلور، پريڪٽس مينيجر جين جنگئن، پروگرام ليڊر انفرا اسٽرڪچر ٽيوٽا ڪڪانڪو اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ،اجلاس ۾ ييلو لائن بي آر ٽي پروجيڪٽ جي مسئلن ۽ اُنھن جي حل بابت ڳالھيون ڪيون ويون،اجلاس ۾ ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ بابت لاڳاپيل عوامي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ چاھيون ٿا،بي آر ٽي منصوبا سڄي صوبي ۾ شروع ڪيا وڃن تھ جيئن عوام کي بھتر، سستي ۽ آرامدھ سفري سھولتون ملي سگھن،سنڌ جي سمورن ضلعن جو عوام پيپلز بس سروس جھڙي سروس شروع ڪرڻ جو چئي رھيو آھي،سنڌ حڪومت عوام جي سھولتن ۾ اضافي لاءِ وڌيڪ گاڏيون خريد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي










