ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تي عيدالفطر تي مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪرڻ خلاف ٽرانسپورٽ کاتي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ سيڪريٽري پروانشل ٽرانسپورٽ اٿارٽي اميت ديو نرواڻي ڪارروائي ڪندي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي 16 ڪمپنين کي وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪرڻ تي روٽ پرمٽ رد ڪرڻ جي وارننگ جاري ڪئي آهي. اميت ديو نرواڻي صدر واري علائقي ۾ 3 ڪمپنين جون آفيسون سيل ڪري ڇڏيون ۽ مسافرن کي 4 لک 69 هزار رپيا واپس ڪيا ويا. نوشھرو فيروز ۾ ڊپٽي ڪمشنر شاھزيب شيخ سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ضمير بروهي ۽ موٽر وي پوليس سان گڏجي مورو ٽول پلازه تي ڪارروائي ڪري اتر سنڌ ۽ ٻين صوبن ڏانهن ويندڙ گاڏين تي 55 هزار رپيا ڏنڊ وڌو ۽ مسافرن کي هڪ لک واڌو ورتل ڀاڙو واپس ڪرايو. مٺي اسلام ڪوٽ روڊ تي سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي مٺي عرفان الله ٽرانسپورٽرن تي 2500 رپيا ڏنڊ وڌو ۽ مسافرن کي 11500 رپيا واپس ڪيا.










