تجارتي خسارو گهٽائڻ لاءِ نيون تجويزون تيار

تجارتي خسارو گهٽائڻ لاءِ نيون تجويزون تيار

لاهور(ويب ڊيسڪ) واپار واري وزارت واپاري خسارو گهٽائڻ لاءِ تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن.واپار واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته لگزري آئٽمز جي درآمد تي ٻن مهينن لاءِ پابندي جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ وفاقي حڪومت به ان تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن موجب لگزري شين ۾ قيمتي ڪارون، پرفيوم، چاڪليٽ، فينسي لائيٽون ۽ ٽائلس شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙن قدمن سان ڊالر تي بار گهٽ ٿيندو ۽ ان حوالي سان سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو