عدالتي فيصلو حد کان وڌيڪ قدم کڻڻ جو مثال آهي، وائٽ هائوس

عدالتي فيصلو حد کان وڌيڪ قدم کڻڻ جو مثال آهي، وائٽ هائوس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليوٽ جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ جي واپاري پاليسي خلاف واپاري عدالت جو فيصلو حد کان وڌيڪ رسائي جي هڪ مثال آهي. ڪيرولائن ليوٽ هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪي سپريم ڪورٽ کي ٽيرف تي صدر ٽرمپ جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ گهرجي.وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته اسرائيل غزه جنگ بندي جي تجويز تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، پر ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته حماس کان اڃا تائين تجويز جو جواب نه مليو آهي. ڪيرولائن ليوٽ چيو ته ٽرمپ کي اميد آهي ته روس ۽ يوڪرين ايندڙ هفتي امن ڳالهين لاءِ ملندا. هن چيو ته ايلون مسڪ جي استعيفيٰ کان پوءِ ٽرمپ ڪابينا ڊپارٽمينٽ آف گورنمينٽ پرفارمنس اسٽاف سان تعاون ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو