لاهور (ويب ڊيسڪ)فيڊرل بورڊ آف روينيو واپاري دوست اسڪيم جو دائرو ملڪ جي 42 شهرن تائين وڌائي ڇڏيو آهي.واپاري دوست اسپيشل پروسيجر رولز 2024 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، شروعات ۾ واپارين جي رجسٽريشن اسڪيم 6 وڏن شهرن تائين محدود هئي.هاڻي واپارين کي 100 کان 20 هزار رپيا ماهوار ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو.نوٽيفڪيشن موجب ٽيڪس جو تعين دڪانن جي فيئر مارڪيٽ ويليو جي بنياد تي ڪيو ويندو، فيئر مارڪيٽ ويليو جو تعين ايف بي آر پاڻ ڪندو. ايف بي آر موجب ايبٽ آباد، اٽڪ، بهاولنگر، بهاولپور، چکوال ۾ به پرچون فروش اسڪيم لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڊيرا اسماعيل خان، فيصل آباد، گهوٽڪي، گجرات ۽ گوادر ۾ به واپارين جي رجسٽريشن ٿيندي.حافظ آباد، هري پور، حيدرآباد، اسلام آباد، جهنگ، جهلم، ڪراچي، قصور، خوشاب، لاهور، لاڙڪاڻو، لسبيلا، لوڌران، منڊي بهاءُ الدين ۾ به واپاري دوست اسڪيم لاڳو ڪئي وئي آهي.مانسهره، مردان، ميرپورخاص، ملتان، ننڪانه، نارووال، پشاور، ڪوئيٽا، رحيم يار خان، راولپنڊي، ساهيوال، سرگوڌا، شيخوپوره، سيالڪوٽ جا پرچون فروش به رجسٽريشن جا پابند هوندا.ايف بي آر موجب سکر ۽ ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۾ به واپاري دوست اسڪيم لاڳو ڪئي وئي آهي.










