واٽس ايپ استعمال ڪندڙن لاءِ خوشخبري، پريشاني جو حل اچي ويو

اسلام آباد (م ڊ) واٽس ايپ استعمال ڪندڙن لاءِ وڏي خوشخبري اها آهي ته هاڻي سندن مرضي کانسواءِ ڪوبه ڪنهن کي ڪنهن گروپ ۾ شامل نه ڪري سگهندو. ڪافي عرصي کان واٽس ايپ انتظاميا عوامي شڪايتن جي ان حل لاءِ ڪم ڪري رهي هئي ۽ هاڻي اهو فيچر جلد عوام جي استعمال لاءِ پيش ڪيو ويندو. اڳ ۾ ڪافي ماڻهون بنا اجازت گروپ م شامل ڪرڻ تي پريشان ٿيندا هئا. ڪجهه ماڻهون ته ويجهي خانداني ۽ دوستاڻي تعلق سبب گروپ مان نڪرڻ جي خواهش باوجود به گروپ نه ڇڏيندا هئا پر هاڻي نئين متعارف ٿيندڙ فنڪشن سبب سندن مسئلو حل ٿي ويندو. نئين فيچر مطابق واٽس ايپ صارف کي سيٽنگ ۾ وڃي، اڪائونٽس، پرائيويسي ۾ وڃڻو پوندو جتي “گروپس” جو نئون فنڪشن نظر ايندو. هن تي ڪلڪ ڪرڻ سان هر صارف کي نئين متعارف ٿيندڙ فنڪشن موجب ٽي آپشن ملندا. پهرين آپشن ۾ ايندو ته هرڪو گروپ ۾ شامل ڪري سگهي ٿو، ٻئي آپشن موجب منهنجي ڪانٽيڪٽس وارو ۽ آخر ۾ نو باڊي يعني ڪوئي به نه. هر صارف اهو اپشن استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪو اوهان کي گروپ م شامل ڪندو ۽ اوهان 72 ڪلاڪن ۾ ها يا نه جو فيصلو نه ڪيو ته درخواست/ رڪيسٽ خودبخود ڊهي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو