ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي صدارت هيٺ چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فنانس سيد عمران زيدي، اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، پرسنل سيڪريٽري آغا سعيد، مزدور اڳواڻ ۽ جنرل سيڪريٽري پيپلز ليبر يونين سيد محسن رضا، متحده ورڪرز فرنٽ سي.بي.اي چيئرمين ارشاد خان، صدر نديم يوسف، جنرل سيڪريٽري وسيم ابراهيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پيپلز ليبر يونين جي جنرل سيڪريٽري سيد محسن رضا ۽ متحده ورڪرز فرنٽ سي.بي.اي چيئرمين ارشاد خان پاران وائيس چيئرمين واٽر بورڊ کي پرزور اپيل ڪندي چيو تہ ايسٽر ۽ ليو انڪيشمينٽ جي ادائيگي بروقت ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ پاران اڳواڻن کي يقين ڏياريندي اعلان ڪيو تہ ايسٽر جي ادائيگي اڄ مڪمل ڪئي وئي آهي، جڏهن تہ 1 کان 16 هين گريڊ تائين ليو انڪيشمينٽ جي ادائيگي 20 رمضان المبارڪ تائين مڪمل ڪئي ويندي، ان موقعي تي ايسٽر جي فوري طور ادائيگي ڪرڻ ۽ ليو انڪيشمينٽ جلد ڪرائڻ جي اعلان ڪرائڻ تي پيپلز ليبر يونين ۽ متحده ورڪرز فرنٽ سي.بي.اي پاران وائيس چيئرمين جو مڃيندي اميد ظاهر ڪئي تہ چيئرمين واٽر بورڊ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ھميشہ وانگر اداري جي ملازمن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا.










