ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي نااهل قرار ڏنل سينيٽر فيصل واوڊا جي خالي ٿيل سيٽ تي ووٽنگ بعد پيپلزپارٽي جو اميدوار نثار احمد کهڙو وڏي اڪثريت سان سينيٽر چونڊجي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير کيس مباڪباد يندي چيو ته اميد آهي اوهان سينيٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندا. هن چيو ته عمران خان ملڪ تباهه ڪيو آهي هن کي فوري هٽائڻو آهي. هن عمران خان کي چيو ته جيڪو ڪري سگهين هاڻي ڪر، سڀاڻي تنهنجي سڏ تي پٽيوالو به نه ايندو. مراد علي شاهه چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي 4 ميمبرن بنا چوڻ جي اسانکي سينيٽ جي چونڊ ۾ ووٽ ڏنا آهن.

سنڌ اسيمبلي ۾ سينيٽ جي سيٽ لاءِ ووٽنگ صبح 9 وڳي شروع ٿي جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهي. ڳڻپ بعد نثار کهڙو کي 99 ووٽ مليا. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پهريون ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ته ٻيا ميمبر به ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اسيمبلي پهچي رهيا آهن. اليڪشن لاءِ سنڌ اسيمبلي جي هال کي پولنگ اسٽيشن بڻايو ويو آهي، جڏهن ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر رٽرننگ آفيسر جا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سنڌ مان سينيٽ جي سيٽ لاءِ پيپلز پارٽي جي نثار کهڙو ۽ پي ٽي آءِ جي آغا ارسلان وچ ۾ مقابلو آهي. ياد رهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي ڪل ميمبرن جو انگ 168 آهي، جنهن مان 99 ميمبر پيپلز پارٽي جا آهن، جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جا 30 ۽ ايم ڪيو ايم جا 21 ميمبر آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ جي ڊي اي 14، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا 3 ۽ ايم ايم اي جو هڪ ميمبر آهي.فيصل واوڊا ٻٽي شهرت بابت غلط بياني سبب نا اهل ٿيو هو ۽ هن اليڪشن ڪميشن جي ان فيصلي کي چيلينج ڪيو آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سندس اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي.اپوزيشن واضح شڪست نظر اچڻ بعد چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.










