واهه ۾ ٽپو ڏيندڙن جا لاش هٿ، وارثن جو احتجاج

سکر (جيرام داس) ڪينالن جي ڪپرن تي آپريشن دوران واھ ۾ پوليس ڪارواين دوران ڊپ مان ٽپو ڏيندڙ مڪيش ڪمار اوڏ ۽ ھيرو مل جا لاش کير ٿر ڪينال مان  ملڻ بعد سندس وارثن لاش رکي ڌرڻو هنيو. جنهن ۾ عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ميئر سکر ارسلان شيخ متاثرن جي ڌرڻي  وٽ پھتو ميئر جي پھچڻ تي متاثر مڇرجي پيا نعري بازي  ڪندي ڪاوڙ جو اظھار  ڪيو. ميئر مجبور ٿي واپس ٿي ويو.  متاثرن جو چوڻ آھي پوليس ڪارواين دوران ڳوڙها گيس جي شيلنگ ۾ ننڍن ٻار ن ۽ ليڊيز جو به خيال  نه ڪيو ويو. اسان بي گھر ٿي ويا آھيون اسانجو ڪو فرياد ٻڌڻ لاء تيار ناھي ٻن نوجوانن جي لاشن کي روڊ تي رکي احتجاج ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ته ميئر سکر خلاف  ايف آي آر داخل ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو