لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته جڏهن سياست ۾ آيس ته منهنجو والد نوازشريف ٻڏتر جو شڪار هو، هو منهنجي سياست ۾ اچڻ تي خوش نه هو پر اڄ مون کي يقين آهي ته هو سياست ۾ اچڻ کان پوءِ منهنجي ڪيل ڪمن تي فخر ڪندو هوندو.پاڪستان نيوي وار ڪاليج جي 55هين اسٽاف ڪورس جي شرڪت ڪندڙ سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهين جي دوران مريم نواز ٻوڏ ۾ مدد تي پاڪستان نيوي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ريسڪيو رليف آپريشن لاءِ پاڪستان نيوي قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو.مريم نواز چيو ته ڌيئرن کي موقعا ڏيو، اعتماد ۽ حوصلو ڏيو، انشاءَالله اهي اڳيان وڌنديون ۽ ترقي ڪنديون. قوم کي ورهائيندڙن کي ووٽ نه ڏيو، ووٽ خدمت ۽ ڪم جي عيوض ڏيو.هن چيو ته پنجاب کي عورتن جي لاءِ محفوظ ترين بنائڻ چاهيون ٿا. بحيثيت وزيراعليٰ جي طور تي ماضي جي روايتن کان انڪار ڪيو. نئين سوچ ۽ نئين آئيڊياز کي هٿي ڏني. پاڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڀائرن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻو پيو.مريم نواز وڌيڪ چيو ته والد نوازشريف منهنجي سياست ۾ اچڻ تي ٻڏتر جو شڪار هو، پر مون آهسته آهسته سياسي معاملن کي سمجهڻ شروع ڪيو، اڄ يقين آهي ته والد مون تي فخر محسوس ڪندو هوندو.










