والدين هفتيوار ڪلاس وٺن جئين ٻارن سان رويو سٺو رکن

ڪراچي(شوبزنيوز)پاڪپتن مان گم ٿيل دعا زهرا جي بازيابي ۽ ڪراچي ۾ شادي تي ڪيترين ئي پاڪستاني اداڪارن رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. سجل علي:مشهور اداڪارا سجل علي ٽوئيٽر تي هڪ پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن والدين کي تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو.سجل لکيو ته ”منهنجو خيال آهي ته ٻارن کي سيکارڻ کان علاوه والدين کي اهو به سکڻ گهرجي ته پنهنجن ٻارن سان ڪيئن ڊيل ڪن ۽ ڪهڙو سلوڪ ڪن. ”والدين کي هفتيوار ڪلاس حاصل ڪرڻ گهرجن (هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ) ٻارن سان ڪيئن ڊيل ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن کي ڪيئن منهن ڏيڻ ،“ هن لکيو. نور بخاري:نور بخاري پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ چيو ته الحمدلله! دعا زهرا ٺيڪ آهي پر ڪاش توهان سمجهي سگهو ته توهان جي ڪري توهان جي والدين ۽ سڄي پاڪستان کي ڪيترو ڏک ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو