سرينگر: (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۾ وڌيڪ 5 ڪشميري شهيد ٿي ويا.ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز ضلعي ڪپواڙه ۾ جعلي مقابلي ۾ 5 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڪپواڙه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي محاصري دوران ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.قابض ڀارتي فوج چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪندي گهرن ۾ گهڙي، عورتن سان بدتميزي ۽ ٻارن کي حراسان ڪري ڪشميرين جي گهرن جي ڀڃڪڙي ڪئي.ڪپواڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ناڪابندي جاري آهي، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس به بند آهي ۽ ماڻهو گهرن ۾ محصور آهن. ڀارتي فورسز جي ظلمن خلاف مختلف علائقن ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.










