جي 20 اجلاس سان ڪشميرين جو آواز نٿو دٻائي سگهجي، بلاول

جي 20 اجلاس سان ڪشميرين جو آواز نٿو دٻائي سگهجي، بلاول

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ جي 20 ملڪن جو اجلاس عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.آزاد ڪشمير پهچڻ تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو آزاد ڪشمير جي پارليامينٽ کي به خطاب ڪندو.هن چيو ته هو ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي پڻ منعقد ڪندا.پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت سمجهي ٿو ته هو ڪانفرنس ذريعي ڪشميرين جي آواز کي دٻائي سگهي ٿو پر اسان دنيا کي ڀارت جو اصل چهرو ڏيکاري رهيا آهيون.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو