نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو هندستان جي قبضي هيٺ منظم ظلم ۽ تشدد جو شڪار آهن.هٿياربند تڪرارن ۾ عام ماڻهن جي تحفظ تي سلامتي ڪائونسل جي بحث دوران ڳالهائيندي، هن چيو ته هندستان غير قانوني طور تي ڪشمير جي آبادي جي جوڙجڪ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هن چيو ته ڪشميري عوام سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي مطابق خود اراديت جي حق جو انتظار ڪري رهيا آهن. عاصم افتخار وڌيڪ چيو ته هٿياربند تڪرارن ۾ عام ماڻهن جي حفاظت لاءِ فوري عالمي قدم کڻڻ ضروري آهن. بحث دوران غزه جي حق ۾ ڳالهائيندي، عاصم افتخار چيو ته سلامتي ڪائونسل کي اسپتالن تي حملي جو فوري طور تي جواب ڏيڻ گهرجي.










