راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر جي تيراه وادي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ خوارج جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾زخمي پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ عزير محمود ملڪ اعلاج دوران شهيد ٿي ويو، آئي ايس پي آر مطابق تيراهه وادي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگرد وچ ۾ 9 آگشت تي فائرنگ جي ڏي وٺ ٿئي ه،ي، ان دوران ليفٽيننٽ عزير احمد ملڪ کي سي ايم ايڇ پشاور پهچايو ويو هو جتي اعلاج دوران هو فوت ٿي ويو، آئي ايس پي آر چيوته ليفٽيننٽ عزير ملڪ شهيد جي عمر 24 سال 8 مهينا هئا، سندس تعلق پنجاب جي ضلعي اٽڪ سان هو آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي ڇٿڻ لاءِ پر عزم آهي، بهادر آفيسرن جو قربانيون اسان جي عزم کي اڃان وڌيڪ پختو ڪن ٿيون.










