لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وائيٽ بال سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي 20 ۽ ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سريلنڪا خلاف ون ڊي سيريز ۽ ٽرائي سيريز ٽي 20 ٽورنامينٽ لاءِ ساڳيون اسڪواڊ برقرار رهنديون.بورڊ ٽي 20 انٽرنيشنل لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ ۽ ون ڊي لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ۽ نسيم شاهه ٽي 20 ۾ واپس آيا آهن، ان کان علاوه عثمان طارق پهريون ڀيرو ٽي 20 اسڪواڊ جو حصو بڻيو آهي.ٽي 20 اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، حسن نواز، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، محمد سلمان مرزا، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان، صائم ايوب، شاهين آفريدي، عثمان خان ۽ عثمان طارق شامل آهن، جڏهن ته فخر زمان، حارث رئوف ۽ سفيان مقيم کي ريزرو ۾ رکيو ويو آهي.ون ڊي اسڪواڊ ۾ شاهين آفريدي (ڪپتان)، ابرار احمد، بابر اعظم، فهيم اشرف، فيصل اڪرم، فخر زمان، حارث رئوف، حسيب الله، حسن نواز، حسين طلعت، محمد نواز، محمد رضوان، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، صائم ايوب ۽ سلمان علي آغا شامل آهن.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جي وچ ۾ ٽي 20 سيريز 28 آڪٽوبر کان 1 نومبر تائين کيڏي ويندي، جڏهن ته سريلنڪا ۽ زمبابوي سان ٽي 20 ٽي ملڪي سيريز 17 کان 29 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.










