هڪ مهيني لاءِ بجلي 7 رپيا 5 پئسا في يونٽ مهانگي

هڪ مهيني لاءِ بجلي 7 رپيا 5 پئسا في يونٽ مهانگي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) هڪ مهيني لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي.نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جنوري جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ سبب ڪئي وئي آهي.نيپرا جي نوٽيفڪيشن موجب، واڌ مارچ جي بلن ۾ ڪئي ويندي.بجلي جي مهانگي کانپوءِ صارفين تي جي ايس ٽي سميت 66 ارب رپين جو اضافي بار پوندو.نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو اطلاق بجلي صارفين تي نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو