ملتان (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي هروڀرو اسان هڪ چرئي جي ڳالهين کي اهميت ڏئي رهيا آهيون، عمران خان ان لائق ئي ناهي جو سندس ڪنهن ڳالهه کي سنجيده ورتو وڃي. ملتان ۾ يوسف رضا گيلاني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ملتان جي ننڍي چونڊ ۾ يوسف رضا گيلاني جو پٽ اسان جي اکين تي آهي، اتحادي طور اسان ان جو ساٿ ڏيڻ جا پابند آهيون.هن چيو ته وڏي جدوجهد کانپوءِ قوم کي فتني مان آزادي ملي آهي، سڄي قوم کي ملندڙ لوڏا ان ڇوٽڪاري جا آفٽر شاڪس آهن، فتني کي انجام تي پهچائڻ ۾ عوام اسان جو ساٿ ڏئي. سندس چوڻ هو ته اسان کي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڏيکارڻيون پيون آهن، گرفتاري وارنٽ ڏيکاريو ته عوام ڏٺو هو ڪيئن ڀڳو، پي ٽي آءِ سان ڪي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته غير سنجيده ماڻهو جي ڳالهه کي وساري ڇڏڻ گهرجي، ان جي ڪا اهميت ناهي، فيصلو وزيراعظم ڪندو، هي ڪير ٿيندو آ اسان کي صلاح ڏيڻ وارو.










