ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي صحت کاتي 23 ڊاڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو.بلوچستان جي صحت کاتي مس ڪنڊڪٽ (بدسلوڪي) ۽ هڙتال ۾ حصو وٺڻ تي ڊاڪٽرن خلاف ايڪشن کڻندي 23 ڊاڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 25 ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه، بلوچستان جي صحت کاتي 5 ٽريني ڊاڪٽرن جي پوسٽ گريجوئيٽ تربيتي رجسٽريشن پڻ معطل ڪري ڇڏي آهي. اهي قدم سڄي صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جون سهولتون متاثر ٿيڻ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي کنيا ويا آهن.










