ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بلوچ ڪالوني ۾ رات دير سان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 20 ورهين جو سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو.پوليس موجب بلوچ ڪالوني ايڊمن سوسائٽي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 20 ورهين جو سڪيورٽي گارڊ مارجي ويو، مقتول جي سڃاڻپ اچر خان طور ٿي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته گارڊ پنهنجي هٿياربندن جي فائرنگ سان حادثو پيش آيو، واقعو خودڪشي جو معلوم ناهي ٿي سگهيو، جاچ جاري آهي، مارجي ويل گارڊ جو تعلق جيڪب آباد سان هو. ٻئي طرف نيو ڪراچي ۽ ڪورنگي زمان ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران ٽن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس سائيٽ سپر هاءِ وي تي ڪارروائي ڪندي جعلي سي ٽي ڊي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي. جوابدار ملڪ زوهيب ۽ احسان الله جي نالي سان، سي ٽي ڊي اهلڪارن کي ظاهر ڪري جعلي سرڪاري نمبر پليٽ سان ڪار استعمال ڪندا هئا.










