هيپاٽائٽس جو عالمي ڏينهن ، سول اسپتال کان جاڳرتا ريلي

هيپاٽائٽس جو عالمي ڏينهن ، سول اسپتال کان جاڳرتا ريلي

نوشھروفيروز (ن سنڌيار) هيپاٽائٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سول اسپتال نوشھرو فيروز کان جاڳرتا ريلي ڪڍي ويئي جنهن جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسد علي ڪلهوڙو سول سرجن ڊاڪٽر خادم علي مڱريو ضلعي فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر هيپاٽائٽس انچارج ڊاڪٽر نور حسين مُورو ڊاڪٽر سعيد احمد جلباڻي ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو ڊاڪٽر رحمت الله سيال ڊاڪٽر عبدالستار گهانگهرو ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ريليء کي خطاب ڪندي چيو ته هيپاٽائٽس هڪ موذي مرض آهي جنهن لاء احتياطي تدابير اختيار ڪرڻ جي ضرورت آھي اسان جي ضلعي ۾ هيپاٽاٽس جا ٽي سينٽر موجود آھن ۽ 10 هزار کان وڌيڪ مريض هن مرض ۾ مبتلا آھن جيڪي علاج وٺي رهيا آھن ان سان گڏ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڏن سان گڏ معصوم ٻارن کي هيپاٽائٽس جي بچاء جا احتياطي ٽڪا لڳرائي پاڻ کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو