هيومن رائٽس ڪميشن پاران هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ،عملدارن جي تربيت

هيومن رائٽس ڪميشن پاران هڪ ڏينهن جو ورڪشاپ،عملدارن جي تربيت

نواب شاھه (ن سنڌيار) سنڌ حڪومت پاران قائم سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي طرفان سنڌ هندو ميريج ايڪٽ 2018 بابت لوڪل گورنمينٽ جي عملدارن، سول سوسائيٽي جي ميمبرن ۽ مذهبي اڳواڻن (پنڊت) جي تربيت لاءِ هڪ آگاهي ورڪشاپ نواب شاھه جي مقامي هوٽل ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي ميمبر جوڊيشل 2 اسلم شيخ، پشپا ڪماري، ڪرشن شرما ۽ ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش ۽ ٻين پاران تربيتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ رهندڙ هندو ۽ ٻين اقليتن جي شادين بابت پيش ايندڙ مسئلن، قانوني گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ هندو ميريج ايڪٽ 2018 جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 18 سال عمر جي مرد ۽ عورت کي پنهنجي شادي رجسٽرڊ ڪرائڻ ، طلاق ۽ ٻيهر شادي جو حق ڏيڻ کان علاوه طلاق کانپوء زال ۽ سندن ٻارن جي معاشي حق ڏنا ويا آهن هنن وڌيڪ چيو ته هن ايڪٽ مطابق هر شادي 45 ڏينهن اندر ڪنهن به وارڊ، يونين ڪائونسل يا ميونسپل اٿارٽي وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ لازمي آهي جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ جا عملدار شادي ڪندڙ جوڙي پاران جمع ڪرايل رجسٽريشن فارم کي چيڪ ڪرڻ کانپوءِ ان کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندا هنن هندو ڪميونٽي جي اڳواڻن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ هندو ميريج ايڪٽ بابت ماڻهن ۾ آگاهي بيدار ڪن ته جئين نياڻين کي سندن حق ملي سگهن اڳواڻن لوڪل گورنمنٽ کاتي جي عملدارن تي زور ڀريو ته شادين جي رجسٽريشن ۾ عوام سان تعاون ڪن ۽ بنا ڪنهن دير ۽ لالچ جي رڪارڊ کي درست حالت ۾ رکن . تربيتي ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن کان هندو ميريج ايڪٽ 2018 کي موثر نموني لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ لاءِ تجويزون پڻ ورتيو ويون جڏهن ته ورڪشاپ جي پڄاڻي تي اسلم شيخ، پشپا ڪماري، فريده طاهر ميمڻ، عدنان خاصخيلي پاران سرڪاري عملدارن، مقامي هندو اڳواڻن ۽ ٻين ۾ سرٽيفيڪٽ تقسيم ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو