لنڊن(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته بيٽر هينري نڪڪس اسڪواڊ سان گڏ انگلينڊ روانو ٿيندو.هينري نڪلس ٽريننگ دوران فٽنيس مسئلن جو شڪار ٿيو ۽ هن جي ساڄي ٽنگ ۾ گريڊ ون جي تڪليف جي تشخيص ڪئي وئي.ڪيوي ٽيم جي ڪوچ جو چوڻ آهي ته اسڪين جي رپورٽ حوصلي افزائي آهي پر پهرين ٽيسٽ ۾ شرڪت بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي.واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 2 جون کان شروع ٿيندي.نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻن گروپن ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي انگلينڊ رواني ٿيندي.










