اسان طاقت سان يوڪرين کان ڊونباس کسينداسين، پيوٽن

اسان طاقت سان يوڪرين کان ڊونباس کسينداسين، پيوٽن

ماسڪو (ويب ڊيسڪ)روسي صدر پيوٽن چيو آهي ته روس يوڪريني علائقي ڊونباس تي طاقت سان قبضو ڪندو ۽ يوڪريني فوج کي اتان پوئتي هٽڻو پوندو، برطانوي ميڊيا موجب روسي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته روس ڊونباس جي يوڪريني حصي جي حصول تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو ۽ يوڪريني فوج کي اتان پوئتي هٽڻو پوندو، پيوٽن چيو ته ڊونباس جو 85 سيڪڙو علائقو اڃا تائين روسي ڪنٽرول ۾ آهي، روسي صدر چيو آهي ته هن تجويز ڪيل آمريڪي منصوبي تي بحث ڪيو هو، پر هن منصوبي تي متفق ٿيڻ ممڪن نه هو،ٻئي طرف، آمريڪي وفد سان روسي صدر جي ملاقات تي تبصرو ڪندي، يوڪريني پرڏيهي وزير اينڊري سيبيا چيو آهي ته روسي صدر صرف دنيا جو وقت ضايع ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو