ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته سياسي تحريڪن جي شروعات ڪراچي مان ٿي، جڏهن ڪراچي ۾ خوشحالي ايندي ته پاڪستان ۾ به خوشحالي ايندي، هن ڀيري وفاقي حڪومت به اسان جي هوندي ۽ سنڌ حڪومت به اسان جي هوندي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سنڌ جا وسيلا چوري ٿيندا آهن، اهي ملڪ کان ٻاهر ويندا آهن، مان چاهيان ٿو ته ڪراچي جو نوجوان اڄ به ملڪ جي قيادت سنڀالي.پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ زرداري مافيا نه هجي ها ته ڪراچي ترقي ڪري ها، ماڻهو غريب ۽ امير ٿي ويا آهن، مڪاني چونڊون پهريون قدم آهن، سڄي پاڪستان کي آواز اٿارڻو پوندو.عمران خان اهو به چيو ته سنڌ جي ڊاڪو راج ۽ شريف مافيا جا ڪرپشن ڪيس معاف ٿي ويا آهن، هنن ملڪ کي ڏولائي ڇڏيو آهي، ڪراچي جي عوام کي تيار ڪرڻ آيو آهيان، ڪراچي جو ميئر به پي ٽي آءِ جو هوندو.هن چيو ته هي ملڪ جي تاريخ جو فيصلو ڪندڙ وقت آهي، جيڪڏهن وڏن ڏوهارين کي اين آر او ڏنو وڃي ته ملڪ جو ڪو به مستقبل ناهي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ جو ڪو مستقبل ناهي جيڪڏهن طاقتور پئسا چوري ڪري ٻاهر هليا وڃن، مان جهاد ڪري رهيو آهيان، مان چاهيان ٿو ته توهان سڀ مون سان گڏ هجو، سمورا وڪيل حقيقي آزادي لاءِ بيٺا آهن، وڪيل قانون جي حڪمراني کي سمجهن ٿا. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي تحريڪ به ٻن وڏن وڪيلن شروع ڪئي هئي، قانون جي حڪمراني لاءِ وڪيلن کي ٻيهر بيهڻو پوندو.










