هن ڀيري به رڪاوٽون پار ڪري اسلام آباد پهچنداسين: سيف

هن ڀيري به رڪاوٽون پار ڪري اسلام آباد پهچنداسين: سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته هو اڳ به رڪاوٽون پار ڪري اسلام آباد پهچي چڪا آهن، هن ڀيري به پهچندا.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته احتجاج جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي هٽائڻ لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا آهن پر اڳ وانگر سموريون رڪاوٽون پار ڪري اسلام آباد پهچنداسين. هنن چيو ته مطالبن جي مڃتا تائين واپس وڃڻ جو ڪو به امڪان ناهي، پي ٽي آءِ جي باني ۽ سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ مينڊيٽ واپس ڪيو وڃي.بئريسٽر سيف اهو به چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ قافلو اسلام آباد پهچندو.

پهنجو تبصرو موڪليو