هن سال بدين ۾ 550 ملي ميٽر کان وڌيڪ رڪارڊ برسات ٿي آهي: اسماعيل راهو

هن سال بدين ۾ 550 ملي ميٽر کان وڌيڪ رڪارڊ برسات ٿي آهي: اسماعيل راهو

بدين (ن سنڌيار) يونيورسٽين ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته هن سال بدين ضلعي ۾ هن وقت تائين 550 ملي ميٽر کان وڌيڪ رڪارڊ برساتون ٿيون آهن، جنهن سبب بدين ضلعي جا سمورا تعلقه متاثر ٿيا آهن. سڄي ضلعي کي آفت زدا قرار ڏيڻ لاءِ رليف ڪمشنر کي لکيو ويو آهي ۽ زراعت، چوپايو مال سميت سمورن نقصانن جو اندازو لڳائڻ لاءِ سروي جاري آهي، سنڌ حڪومت مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهي ۽ متاثرن کي رليف فراهم ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالھ دربار هال بدين ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ بدين ضلعي جي لاءِ مقرر ڪيل رين ايمرجنسي انچارج ارباب لطف الله، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو، وزير اعلي سنڌ جي معاون خصوصي پير نورالله قريشي، سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون تنزيله قمبراڻي، قومي اسيمبلي جي ميمبر مير غلام علي ٽالپر، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر مير الله بخش ٽالپر ۽ تاج محمد ملاح، پ پ پ ضلعي بدين جي صدر حاجي رمضان چانڊيو سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته پهرين ڪوشش ھئي ته شهري علائقن، تعليمي ادارن ۽ اسپتالن مان برساتي پاڻي جو نيڪال ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آھي، ھن چيو ضلعي بدين ۾ جتي به گهرن جو نقصان يا ٻيو ڪوب نقصان ٿيو آھي انتظاميه انهن سان رابطي ۾ آھي متاثرن کي شفاف طريقي سان امداد فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. بدين ضلعي ۾ اڳ به برساتون ٿيون آهن، پ پ قيادت ڪڏهن به عوام کي مايوس نه ڪيو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي خاص صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ سانوڻي جي غيرمعمولي برسات شروع ٿي وئي آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سمورن امدادي ڪمن جي نگراني ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر بدين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جلد کان جلد ٿيل نقصان جي سروي ڪئي وڃي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال واري ڪم کي تيز ڪيو وڃي، پي ڊي ايم اي عوام جي رليف لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جنهن ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جون مشينو، خيما، مڇر دانيون فراهم ڪيو پيو وڃن. ان موقعي تي بدين ضلعي جي رين ايمرجنسي رليف انچارج ارباب لطف الله چيو ته 2020ع جي رين ايمرجنسي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بدين آيو هو، تنهن ڪري هن مسئلن کي سمجهي ايل بي او ڊي کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن کانپوءِ ان جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ويو ۽ ان جي گنجائش ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو رڪارڊ برساتن کانپوءِ به گهارو لڳڻ جهڙا مسئلا اڳ جيان هن ڀيري نه ٿيا آھن.هن چيو ته عوام کي فوري رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ڊي ايڇ او بدين کي مليريا کان بچاءُ لاءِ مڇر مار اسپري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو برسات جي هنگامي صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر بدين ڪميٽي روم ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان برساتن سبب انفراسٽرڪچر، زراعت ٻي ٿيل نقصان ۽ برساتي ايمرجنسي ۾ کنيل قدمن بابت اجلاس کي آگاهه ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو