پشاور(ويب ڊيسڪ) هنگو ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان يعني ٽي ٽي پي جا 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. جسري ڪيل بيان موجب سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته هنگو جي علائقي ٽل ۾ سي ٽي ڊي ڪوهاٽ پاران دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، ان دوران فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي موجودگي جي شڪ ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش پنهنجي قبضي ۾ ورتا ويا آهن.










