هندن جي ملڪيتن تان قبضو ختم ڪرايو، رميش

هندن جي ملڪيتن تان قبضو ختم ڪرايو، رميش

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) اقليتي ايم اين اي ۽ هندو ڪائونسل پاڪستان جي ميمبر رميش لال ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ شڪارپور جي مختلف هندو پئنچائت جي سربراهن، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي اقليتي ايم اين اي رميش لال چيو ته شڪارپور ۾ هندن جون 12 پراپرٽيز تي مختلف حوالن سان قبضو آهي ۽ اهڙين پراپرٽيز تان قبضي ڇڏائڻ جو حڪم سپريم ڪورٽ پاران ڏنل آهي. ان سلسلي ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ ڪاروائي ڪري قبضا هٽرائي. هن چيو ته شنڪر ڀارتي مندر جي زمين جا ڪجهه نمبر مندر جي رکوالن حوالي نه ڪيا ويا آهن، انهن تان به قبضا هٽرايا وڃن ۽ اهي مندر جي متولي ۽ پئنچائت حوالي ڪيا وڃن. هن چيو ته چڪ ۾ هندو پئنچائت جي پراپرٽي تي 15 دڪان اڏيا آهن جن جو پڻ قبضو خالي ڪرائي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ۽ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ بعد مستحق حوالي ڪيا وڃن. هن چيو ته شڪارپور ۾ هندو پراپرٽيز جي حوالي سان جيڪي به ڪيس هلندڙ آهن انهن جي رپورٽ پڻ ڏني وڃي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور نويدالرحمان لاڙڪ چيو ته هو اڄ ئي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ۽ لکي کي هدايتون جاري ڪري ٿو ته سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هندو پراپرٽيز جي حوالي سان ملڪيتن بابت تفصيلي رپورٽ ڏين جنهن جي رپورٽ اقليتي ايم اين اي حوالي ڪئي ويندي ۽ اهڙي رپورٽ چيف سيڪريٽريءَ کي پڻ موڪلي ويندي. گڏجاڻيءَ ۾ هندو پئنچائت جي گرمکداس، روي ڪمار، گوپالداس، دادا ريواچند ۽ چڪ کي مُکي پريم تلريجا شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ بعد اقليتي ايم اين اي رميش لال شنڪر ڀارتي مندر، سماڌا آشرم ۽ چڪ هندو پئنچائت جو پڻ دورو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو