لاهور (ويب ڊيسڪ)عيد گذري وئي پر عيد جي دعوتن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ۽ پروڊيوسر همايون سعيد پنهنجي گهر ۾ شوبز ستارن سان سجايل عيد جي دعوت جون تصويرون شيئر ڪيون.همايون سعيد ۽ سندس گهرواري ثمينه همايون سعيد جي مهمان نوازي شوبز انڊسٽري ۾ مشهور آهي، جڏهن به موقعو ملندو آهي ته پنهنجي خاندان ۽ دوستن کي گڏ ڪري وٺندو آهي.هاڻ تازو ئي هن عيد الاضحيٰ جي دعوت جو انتظام ڪيو آهي، جنهن جون تصويرون همايون سعيد فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي شيئر ڪيون آهن.انهن تصويرن ۾ هو پنهنجن مائٽن ۽ دوستن سان خوشيءَ سان ڏسي سگهجن ٿا.تصويرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دعوت ۾ همايون سعيد جا ڀائر ۽ سندس گهرواري سان گڏ ثمينه همايون جي ڀيڻ ثنا شاهنواز به موجود آهي.عيد ڊنر ۾ ان کان علاوه عدنان صديقي، عمران اشرف، نديم بيگ سميت شوبز جا ڪيترائي ستارا به موجود هئا.










