هفتي کان رستو بند، وڏيري خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

هفتي کان رستو بند، وڏيري خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

پيرجوڳوٺ(ن س)ڳوٺ يارمحمد ڪانڌڙو جي بااثر رياض احمد ڪانڌڙو پاران ڳوٺ جا رستا بند ڪرڻ خلاف عورتن ۽ مردن پاران ڪولاب جيئل ۽ لال بخش ڪانڌڙو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي مسمات مختيارِ خاتون، حضوران، سڪينه، مسمات رضيه، روبينه، لال بخش، ممتاز ڪانڌڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پاڪ ڪتاب هئا،  هنن جو چوڻ هو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري ساڻن ظلم ڪري ڇڏيا آهن، گذريل هڪ هفتي کان وٺي ڳوٺ جو رستو ديوار ڏئي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر وقت هٿيار کڻي ڊيڄاريندو رهي ٿو، ڄاڻايل وڏيرو ڳوٺ مان لڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته ٽنڊومستي پوليس به ڄاڻايل وڏيرن جي ساٿاري بڻيل آهي. ڳوٺاڻن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل با اثر وڏيري جي ظلمن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو