هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.95 سيڪڙو اضافو

هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.95 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح هفتيوار بنياد تي 0.95 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 30.62 سيڪڙو تي رڪارڊ ڪئي وئي.شماريات واري اداري هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب هفتي دوران 20 شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، جڏهن ته 10 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 21 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران پياز جي قيمت ۾ 40 رپيا 13 پئسا في ڪلو واڌ ٿي وئي. ٽماٽو جي في ڪلو قيمت ۾ 41 رپيا 11 پئسا جڏهن ته 190 گرام چانهه جي قيمت ۾ 8 رپيا 35 پئسا واڌ ٿي وئي.چنا جي دال 81 پئسا ۽ مونگ جي دال جي في ڪلو قيمت ۾ 2 رپيا 50 پئسا واڌ ٿي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تازو مرغي جي قيمت ۾ 1.85 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي. صابڻ، کير، دہی، گوشت، انڊا ۽ چانور به مهانگو ٿي ويو.شماريات واري اداري موجب هڪ هفتي دوران ايل پي جي جو گهريلو سلنڈر 119 رپيا 63 پئسا سستو ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي سراسري قيمت ۾ 48 رپيا 55 پئسا گهٽتائي ٿي وئي. گهي 64 پئسا ۽ دال مسور جي في ڪلو قيمت ۾ 5 رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.شماريات واري اداري موجب کنڊ، ڪيلا، لوسن ۽ آلو جي اگهن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو