اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ڪشمير معاملا امير مقام پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان آزاد ڪشمير چونڊن جي حوالي سان وفاقي حڪومت کي الٽي ڳڻپ جي ڌمڪي تي رد عمل ۾ چيو ته انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته جيڏهن اسان وياسين ته سڀ گڏ وينداسين.مظفر آباد جي علائقي کاهوڙا ۾ مسلم ليگ(ن) جي جلسي کي خطاب ڪندي امير مقام جو چوڻ هو ته ميرپور جي عوام(ن) ليگ کي ووٽ ڏنو، پيپلز پارٽي کي الزامن جي بجاءِ انهي ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته عوام انهن کي ڇو رد ڪيو.امير مقام چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ۽ انتظاميه پيپلز پارٽي جي اثر هيٺ آهي انهي لاءِ بي بنياد الزام لڳائڻ جي بجاءِ عوامي فيصلي جو احترام ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته پيپلز پارٽي کي ياد رکڻ گهرجي ته هو پاڻ انهي نظام جو حصو آهن ۽ اسان آئيني عهدن تي فائز آهيون، هر ڀيري ڌمڪيون ڏيڻ کان اڳ انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان وياسين ته سڀ گڏ وينداسين.










