اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات پات ۽ نسل جي تفريق کانسواءِ آزادي سان زندگي گذارڻ جو حق آهي.صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي اعتراف ۾ ملهايو پيو وڃي، اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزادين جي تحفظ لاءِ قائد اعظم جي ڪيل واعدي تي قائم رهندي. 11 آگسٽ 1947ع تي قائد اعظم پاڪستان جي آئين ۾ اقليتن جي تحفظ لاءِ سمورن سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏني وئي.پاڪستان جي صدر چيو ته اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ کي مڪمل طور تسليم ڪري ٿو. اسان سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽون، اقليتي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ، عبادت گاهه جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ فنڊ رکيا آهن.آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ ۽ نسل جي فرق کان سواءِ جيئڻ جو حق حاصل آهي.هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪندو ۽ کين اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا ڏيندو، کيس يقين آهي ته پاڪستان جون اقليتون ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.










