هر اداري ۾ مداخلت ٿئي پئي، هي ته عدالتي مارشل آهي

هر اداري ۾ مداخلت ٿئي پئي، هي ته عدالتي مارشل آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان سان ڳالهين جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته عدليا، پارليمان، انتظاميا ۽ اليڪشن ڪميشن سميت سڀني جي اختيارن تي قبضو پئي ڪري. اهڙي ماحول ۾ عدليا جا فيصلا ڪيئن تسليم ڪريون؟ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي ٻڌڻ کانسواءِ هڪ طرفا فيصلا ڏنا وڃن ٿا. پارليامينٽ قانون ٿي ٺاهي، اهو اڃا لاڳو ناهي ٿيو عدالت بنا ٻڌڻ جي ان کي رد ڪري ٿي. رجسٽرار جي بدلي جو معاملو انتظامي آهي ان تي عمل نٿو ٿئي، عدالت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي قبضو ڪيو آهي، شيڊول عدليا پئي جاري ڪري، ڇا اسين جانور آهيون جو جيڪو چارو اڇلائيندا اهو کائبو، ايئن نه ٿيندو. هي ته عدالتي مارشل لا آهي. هن چيو ته اسين جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، يقين آهي ته پارليامينٽ کٽنيدي، عوام کٽيندو، عوام اسان سان گڏ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت پيپلز پارٽي جو موقف هنن جو آهي، اسانجو موقف ڪليئر آهي، اسان سان اڃان ڪو رابطو ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو