لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هر اداري کي پاڪستان جي مفاد جو خيال رکڻ گهرجي، هٽ ڌرمي جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي لاهور ۾ چوڌري پرويز الاهي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ته پرامن احتجاج نٿو ڪري سگهجي، اسان جي درخواست ٻڌڻ کانپوءِ چيف جسٽس چيو ته ڪنٽينر هٽايا وڃن.هن چيو ته منهنجي خلاف 6 ڪيس داخل ڪيا ويا، مون ڇا ڪيو جو مون تي ڪيس داخل ڪيا ويا، ڪيس دٻاءُ ۽ حراسان ڪرڻ لاءِ داخل ڪيا پيا وڃن پر پي ٽي آءِ سخت مقابلو ڪندي. شاهه محمود قريشي چيو ته تاثر هو ته پي ٽي آءِ ممي ڊيڊي پارٽي آهي پر 25 مئي تي ثابت ٿي ويو ته ڪارڪن هر رڪاوٽ کي پار ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا.هن چيو ته پنجاب ۾ اسان جو آئيني قانوني حق کسيو ويو، هر ضلعي ۾ ڪنٽينر لڳائي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ شيلنگ ڇو ڪئي وئي؟ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته موجوده حڪومت غير فطري اتحاد آهي، عمران خان کي هٽائڻ لاءِ سڀ گڏ ٿيا هئا، حڪومت چونڊن جي راهه ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، حڪومت ملڪ کي ڏڦيڙ جي حالت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته هر اداري کي پاڪستان جي مفاد ۾ سوچڻ گهرجي، تعصب جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي.










