’هرمز لنگهه بند هئڻ سبب 2190 جهاز سمنڊ ۾ ڦاثل‘

’هرمز لنگهه بند هئڻ سبب 2190 جهاز سمنڊ ۾ ڦاثل‘

رياض(ويب ڊيسڪ) نئين سامونڊي ٽريفڪ جي انگن اکرن موجب، ايران طرفان هرمز لنگهه جي ناڪابندي سبب عربي نار ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2,190 واپاري جهاز ڦاٿل آهن، جن مان 320 کان وڌيڪ تيل ۽ گيس جا ٽينڪر هئا، جڏهن ته هن اهم سامونڊي رستي ذريعي صرف محدود ۽ سخت نگراني هيٺ ٽرئفڪ جاري آهي۔
ڦاٿل جهازن ۾ 12 تمام وڏا گيس کڻندڙ جهاز ۽ 50 تمام وڏا تيل کڻندڙ جهاز شامل آهن۔ سامونڊي ڄاڻ ڏيندڙ اداري Kpler موجب، اڱاري کان اربع تائين صرف 6 جهاز هرمز مان گذريا، جيڪو امن واري حالت ۾ روزانو گذرندڙ لڳ ڀڳ 120 جهازن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي۔
جيڪي جهاز گذري سگهيا، انهن کي ايران جي سامونڊي ڪناري ڀرسان لارڪ ٻيٽ ويجهو منظور ڪيل هڪ مخصوص رستي ذريعي گذاريو ويو۔ Lloyd’s List جي اندازي موجب گذريل هفتي کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 48 جهاز هن رستي جو استعمال ڪري چڪا آهن، جن مان گهڻا ايران يا ان سان سٺا لاڳاپا رکندڙ ملڪن سان لاڳاپيل هئا۔
ايران 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي کان پوءِ هن آبنائي تي سخت ڪنٽرول لاڳو ڪيو آهي.جنهن مان عام طور تي دنيا جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو تيل ۽ گيس گذري ٿي۔ جن جهاز مالڪن کي گذرڻ جي اجازت ملي، انهن کان 2 ملين ڊالر تائين فيس ورتي وئي، جنهن کي “تهران ٽول بوٿ” سڏيو پيو وڃي، جڏهن ته ايران اشارو ڏنو آهي ته دوست ملڪن، جهڙوڪ ملائيشيا، جي جهازن لاءِ اهي فيسون معاف به ڪري سگهجن ٿيون۔
ملائيشيا جي اختيارين ٻڌايو ته پيٽروناس، سپورا انرجي ۽ MISC جهڙين ڪمپنين جا ڪيترائي ٽينڪر گذرڻ جي اجازت جو انتظار ڪري رهيا هئا، جڏهن ته تهران ڪوالالمپور کي يقين ڏياريو آهي ته مضبوط ٻطرفن لاڳاپن سبب انهن جي جهازن تي ڪا به فيس لاڳو نه ڪئي ويندي۔ بهرحال، عملدارن خبردار ڪيو ته وڏي انگ ۾ بيٺل جهازن سبب اجازت ۾ دير ٿي سگهي ٿي۔
چين تصديق ڪئي ته ان جا گهٽ ۾ گهٽ ٽي جهاز لاڳاپيل ڌرين سان هم آهنگي کان پوءِ تازو هرمز مان گذريا آهن۔ جهازن جي ٽريڪنگ ڊيٽا موجب ٻه ڪنٽينر جهاز ٻي ڪوشش ۾ نار مان نڪري ويا، جيڪي ويجهو ويجهو ۽ تيز رفتاري سان هليا۔ ماهرن چيو ته اهي تڪرار شروع ٿيڻ کان پوءِ نار ڇڏيندڙ پهريان غير ايراني ڪنٽينر جهاز هئا۔
ڪجهه ٻين جهازن به نڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي، جن ۾ يوناني آپريشن هيٺ هلندڙ هڪ ٽينڪر شامل آهي جيڪو سعودي تيل ڀري ڀارت وڃي رهيو هو، ۽ ڪيترائي ڀارتي جهنڊي وارا LPG کڻندڙ جهاز، جيڪي اهم سامان کڻي رهيا هئا۔ سامونڊي ذريعن موجب ڪجهه عملدارن خطري کان بچڻ لاءِ رات جو سفر ڪرڻ يا ٽريڪنگ سسٽم بند ڪرڻ جهڙا طريقا اختيار ڪيا، جيئن بارود، ميزائل ۽ ڊرونن جي خطرن کان بچي سگهجي۔
انهن حرڪتن باوجود، سعودي عرب ۽ قطر جهڙن وڏن پيدا ڪندڙ ملڪن جي توانائي برآمدات تقريباً بند ٿي ويون آهن، جڏهن ته سوين جهاز ۽ لڳ ڀڳ 20,000 سامونڊي عملي جا ماڻهو اڃا تائين نار ۽ ان جي ڀرپاسي ڦاٿل آهن۔
هڪ پاڪستاني تيل کڻندڙ جهاز اربع ڏينهن هرمز جي آبنائي مان گذري ڪراچي جي ڏاکڻي بندرگاهه تي پهتو، جڏهن ته ٻيو جهاز متبادل رستي سان بندرگاهه تي پهتو۔ عملدارن چيو ته ايندڙ هفتن ۾ وڌيڪ ترسيلن جي اميد آهي۔
هن بحران سبب عالمي سفارتي ڪوششون تيز ٿي ويون آهن۔ برطانيا لڳ ڀڳ 35 ملڪن سان گڏجاڻيون ڪرائڻ وارو آهي ته جيئن سامونڊي آمدرفت بحال ڪرڻ جا طريقا ڳوليا وڃن، جڏهن ته چين ۽ پاڪستان گڏيل طور تي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سڀني ڌرين کي واپاري جهازن جي محفوظ گذر کي يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪئي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو