هاڻي سالن کان التوا وارن ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ٿيندي: آغا سراج

هاڻي سالن کان التوا وارن ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ٿيندي: آغا سراج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته سالن کان هلندڙ ڪيسن جي ٻڌڻي جلد ٿيندي.ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 26هين آئيني ترميم تي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بلاول ڀٽو محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ورثي کي جاري رکيو.آغا سراج دراني چيو ته جيئن بلاول ڀٽو ڏينهن رات ڪوششون ڪيون، تيئن شهيد بي بي به ڪوششون ڪيون.سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته آصف علي زرداري به وڏي جدوجهد کانپوءِ 18هين ترميم پاس ڪرائي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو اهو به چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به ان ئي انداز ۾ ڪم ڪيو هو، 26هين آئيني ترميم جو سڀ کان وڌيڪ فائدو عوام کي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو