ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هاڪس بي سمنڊ ۾ وجهندي نوجوان ٻوڏي فوت ٿي ويو، تفصيل مطابق ماڙي پور ٿاڻي جي علائقي ۾ سينڊ الزيٽ تي مقام تي سمنڊ ۾ وجهندي نوجوان ٻوڏي ويو، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ايڌي فائونڊيشن جا اهلڪار موقعي تي پهچي ويا، نوجوان جو لاش سمنڊ ڪڍيو ويو، ايس ايڇ او ماڙي پوري چوڌري طفيل ٻڌايو ته نوجوان جي سڃاڻپ 20 ورهين جو محمد اسماعيل ولد محمد فاروق جي نالي سان ڪئي وئي، نوجوان گارڊن جو رهواسي هو، دوستن سان گڏ پڪ نڪ ملهائڻ لاءِ هاڪس بي تي آيو هو. جتي سمنڊ ۾ وهنجندي ڇولين جي تيز وڪري ۾ ٻڏي ويو، پوليس قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو.










