اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جون سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشنز داخل

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جون سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشنز داخل

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ (آءِ ايچ سي) جي پنج ججن سپريم ڪورٽ ۾ ڌار ڌار پٽيشنز داخل ڪيون آهن. جن ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق محمود جھانگيري، جسٽس ثمن رفعت ۽ جسٽس اعجاز اسحاق خان شامل آهن. جمعي تي داخل ڪيل انهن درخواستن ۾ سپريم ڪورٽ کان اسدعا ڪئي وئي آهي ته اهو حڪم جاري ڪريو ته هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ڪنهن به جج جا عدالتي اختيار، انتظامي اختيار ذريعي صلب نٿو ڪري سگهي. هنن ججن پنهنجن درخواستن ۾ اهو به چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هڪ دفعو جوڙيل بينچ ۽ ان آڏو لڳايل ڪيس بعد ان ۾ ڪا ڦير ڦار نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي هو ان جو مجاز آهي. درخواستن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس “دستياب ججن کي روسٽر مان، پنهنجي مرضي سان، خارج نٿو ڪري سگهي ۽ ڪنهن به جج جا عدالتي اختيار ختم يا معطل نٿو ڪري سگهي”. سپريم ڪورٽ کي اها به استدعا ڪئي وئي آهي ته “بينچن جي تشڪيل، ڪيسن جي منتقلي ۽ روسٽر جاري ڪرڻ صرف ان قائدن مطابق ڪري سگهجي ٿو جيڪي پوري هاءِ ڪورٽ پاران آئين جي آرٽيڪل 202 (طريقي جا قاعدا) پڙهڻ سان، آرٽيڪل 192(1) (هاءِ ڪورٽ جي تشڪيل) تحت اختيار تجويز ڪيا ويا آهن”. درخواست ڏيندڙن عدالت کي اها به درخواست ڪئي آهي ته بينچن جي تشڪيل، روسٽر جاري ڪرڻ ۽ ڪيسن جي منتقلي جا معاملا قانون موجب اڪيلو چيف جسٽس نٿو ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ اڳ ۾ ئي ’ماسٽر آف روسٽر‘ جو اصول واضح ڪري چڪي آهي. درخواستن ۾ اڃا به اعلان طلب ڪيو ويو ته آءِ ايچ سي جي انتظامي ڪميٽين جي تشڪيل 3 فيبروري ۽ 15 جولاءِ جي نوٽيفڪيشنن ذريعي ۽ انهن پاران منظور ڪيل سڀئي فيصلا “بدنيتي تي ٻڌل ۽ غير قانوني آهن”. انهن کي عدالت کان ان نوٽيفڪيشنن ۽ انهن تحت ٺاهيل انتظامي ڪميٽين پاران ڪيل سڀني ڪمن ۽ فيصلن کي رد ڪيو وڃي. درخواستن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڪري ته غير قانوني طور تي ٺاهيل انتظامي ڪميٽي پاران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پريڪٽس ۽ پروسيجر رولز 2025 جي قبوليت ۽ منظوري، ۽ ان جي نوٽيفڪيشن بغير هاءِ ڪورٽ جي اڳواٽ منظوري، آئين جي آرٽيڪل 192(1) ۽ آرٽيڪل 202 جي خلاف آهي ۽ ان جي سيپٽمبر ۾ ڪيل توثيق، به غير قانوني آهي”.

پهنجو تبصرو موڪليو