اماراتي ڪارگو جهاز ترڪي سمنڊ ۾ ڪري پيو، 2 فوت

اماراتي ڪارگو جهاز ترڪي سمنڊ ۾ ڪري پيو، 2 فوت

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ)هانگ ڪانگ ۾ لينڊنگ دوران امارات ايئر لائين جوهڪ ڪارگو جهاز رن وي تان ترڪي پيو ۽ پيٽرولنگ گاڏي سان ٽڪرائجڻ بعد سمنڊ ۾ ڪري پيو. جنهن سبب هوائي اڏي جي گاڏي ۾ سوار عملي جا 2 ماڻهو فوت ٿي ويا. نيوز ايجنسين موجب، اي ڪي 9788 ڪارگو جهاز دبئي کان هانگ ڪانگ ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندي ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ سوار چار عملي جي ميمبرن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، برطانوي ميڊيا موجب، حادثي کان پوءِ رن وي کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو، جڏهن ته حادثي جي جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو