هانيا عامر بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار

هانيا عامر بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار

لنڊن (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ بابت ڳالهايو،تازو اداڪاره لنڊن ۾ هڪ فنڊ ريزنگ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن نه رڳو پنهنجن مداحن سان ملاقات ڪئي پر تقريب ۾ پڇيل سوالن جا جواب به ڏنا،اداڪاره کان پڇيو ويو ته ڇا هوءَ بالي ووڊ، خاص طور تي ڪرن جوهر جي فلم جي آڇ قبول ڪندي،هانيه هاڪاري ۾ جواب ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن آڇ آئي ته هوءَ ان تي غور ڪندي،هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته جيڪڏهن آڇ آئي ۽ منصوبو سٺو ٿيو، ته اسان ضرور ڏسنداسين، انشاءَ الله.

پهنجو تبصرو موڪليو