هاري ڪارڊ ڏيو، نقصان کان بچايو، آبادگارن جو احتجاج

وڳڻ (علي مصطفيٰ بروهي) وڳڻ ۽ ڀرڀاسي جي علائقن ۾ سارين جي فصل ۾ پاپڙ سبب ٿيل هارين جي نقصان تي سجاڳ نوجوان اتحاد جي سڏ تي سنڌ بروهي اتحاد، المغيري نوجوان ويلفيئر اسوسيئشن، پي ايس پي ۽ پ پ پ (شهيد ڀٽو ) طرفان مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي سعيد بروهي، يارمحمد مغيري ، محمد بخش خاصخيلي، گلاب وڳڻ ، شرف الدين پنهور، فقير قربان مغيري ، ساجد بلوچ  ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مارڪيٽ ۾ زرعي ٻج دوائون  غير معياري هجڻ سبب سارين جي فصل چانور بجاءِ پاپڙ ٿيو آهي. زراعت کاتي جا عملدار هٿ وٺي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو آهي. حڪومت سنڌ کي گهرجي ته ان سنگين معاملي جو نوٽيس وٺي آبادگارن جي ٿيل نقصان جو جائزو وٺي ڪسان ڪارڊ ڏنا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو