هاءِ ڪورٽ پاران وڏي وزير ۽ ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

سکر(بيورو رپورٽ) شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي رٽائرڊ آفيسرن جي پينشن واري عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ بابت توهين عدالت ڪيس ۾ سنڌهاءِڪورٽ سکر بئنچ پاران سنڌ جي وڏي وزير ۽ وي سي خلاف توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت يونيورسٽي جي ڪنٽرولر ۽ ڊائريڪٽر فناس کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن. وڪيل منور عالم ٻڌايو ته سنڌهاء ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد جنيد غفار ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرائڻ تي وڏي وزير. وي سي ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته عدالت 6 مهينا اڳ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي انتظاميه کي ٻن رٽائرڊ آفيسرن کي پينشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي عمل ناهي ڪيو ويو جنهن بعد توهين عدالت جو پٽيشن داخل ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو