هاءِ ڪورٽ مان پهلاج مل ۽ ٻين جي پڪي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب پاران  پي پي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي مبينه فرنٽ مين واپاري  پهلاج مل، سندس گهرواري ۽ ٻين کي  غير قانوني اثاثن واري جانچ مان آجو قرار ڏيڻ بابت رپورٽ پيش ڪرڻ تي جوابدارن جي ڪچي ضمانت کي پڪو ڪندي نيب کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي. اهڙو حڪم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ خميس تي پهلاج مل سندس گهر واري سنگيتا مل ۽ عبدالخالق پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت درخواستن جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته نيب پراسيڪيوٽر، پهلاج مل، سندس گهرواري سنگيتا ۽ ٻين  جوابدارن خلاف جاچ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن وقت تائين انڪوائري ۾ جوابدارن خلاف غير قانوني اثاثن بابت ڪي به ثبوت ناهن مليا جنهن ڪري سندن خلاف انڪوائري ختم ڪرڻ لاءِ نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کي رپورٽ موڪلي آهي جنهن تي عدالت پهلاج مل، سندس گهرواري ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري صمانت کي پڪو ڪندي نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضح رهي ته2 مهينا اڳ سيد خورشيد احمد شاهه جي گرفتاري بعد نيب  پهلاج مل ۽ سندس گهرواري کي  نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪيو هو جنهن تي انهن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي هئي، جيڪا ڪچي هئي ۽ خميس تي نيب جي وڪيل جي بيان بعد ان کي پڪو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو