اسلام آباد)بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي نشانو بڻايو.فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ موجب ادارن خلاف بيان اهڙو سنگين معاملو آهي، عدالت حراست ۾ تشدد جي سنگين الزام کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.هن چيو ته پاڪستان ۾ عدالتي نظام ورهايل آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهباز گل کي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته پشاور هاءِ ڪورٽ حڪومت کي حڪم ڏنو ته پي ٽي ايم اڳواڻن تي ساڳين الزامن تي ڪيس هلايو وڃي، جيڪو بي بنياد آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت کي نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ ڪابينا جو فيصلو معطل ڪيو ويو، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ قانون ججن جي نالي تي آهي.










